بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد تنظيم فتنته الهندستان جا 4 دهشتگرد مارجي ويا۔ آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب فورسز کي دهشتگردن جي علائقي ۾ موجودگي بابت اطلاع مليو، جنهن تي آپريشن ڪيو ويو۔ ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد هلاک ٿي ويا۔ آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد مختلف دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث هئا، جن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي۔ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خضدار ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندن صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ فورسز جون قربانيون ۽ ڪامياب ڪارروايون قدر جي نگاهه سان ڏسجن ٿيون۔ هن وڌيڪ چيو ته قوم دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي سان گڏ بيٺل آهي۔
