خلیجی ممالک ۽ پاڪستان-سعودي دفاعي معاهدي بابت وڏا فيصلا

دوحا/رياض: خلیجی تعاون ڪونسل (جي سي سي) جي سربراهي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به هڪ ملڪ تي ٿيندڙ حملو سڀني رڪن ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو۔ دوحا تي اسرائيلي حملي کان پوءِ ٿيل اجلاس ۾ گڏيل سلامتي ۽ دفاعي حڪمت عملي بابت وڏو اعلان ڪيو ويو۔ اجلاس جي اعلاميي مطابق خليجي ملڪن گڏيل فضائي دفاعي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، گڏيل ٽريننگ، گڏيل انٽيليجنس شيئرنگ ۽ علائقائي دفاعي نظام لاءِ گڏيل ڪوآرڊي نيشن تي اتفاق ڪيو۔ جي سي سي اجلاس جي فيصلي کي اسرائيلي جارحيت خلاف اجتماعي پيغام قرار ڏنو ويو ۽ واضح ڪيو ويو ته خطي ۾ ڪنهن به جارحيت جو سخت جواب ڏنو ويندو۔ هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف جي دوري دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدو طئي ٿيو۔ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم شهباز شريف معاهدي تي صحيحون ڪيون، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به ملڪ خلاف جارحيت ٻنهي ملڪن خلاف جارحيت تصور ٿيندي۔ معاهدي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي سلامتي کي وڌائڻ، گڏيل تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ خطي سميت پوري دنيا ۾ امن جي حاصلات لاءِ گڏيل عزم جو اظهار آهي۔ اهم ملاقات ۾ فوجي سربراهه فليڊ مارشل عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ٻين وفاقي وزيرن پڻ شرڪت ڪئي۔

پنھنجي راءِ لکو