دبئي: ايشيا ڪپ سپر فور رائونڊ ۾ پاڪستان کي ڀارت جي خلاف ٻيهر پاڻ کي ثابت ڪرڻ جو سنهري موقعو ملي ويو آهي، ٻنهي ٽيمون اڄ (آچر) دبئي ۾ آمهون سامهون ٿينديون. قومي ٽيم اڳئين ميچ جو حساب برابر ڪرڻ لاءِ پرجوش آهي. ٽاپ آرڊر جي بيٽسمينن تي شروعات ۾ مضبوط بنياد رکڻ جي ذميواري هوندي، جڏهن ته صائم ايوب جي فارم بابت فڪر بدستور موجود آهي. بالر حارث رئوف کي برقرار رکڻ جو امڪان آهي. ماہرين موجب ٽاس ميچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ جيڪو ٽيم سڪو کٽيندي، اها حدف جي تعاقب کي ترجيح ڏئي سگهي ٿي. پاڪستاني اسڪواڊ گذريل ڏينهن دبئي ۾ ٽريننگ ڪئي، جڏهن ته ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويو. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي رانديگرن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن حوصلو وڌايو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٽيم ڀارت خلاف بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي. ياد رهي ته گروپ مرحلي ۾ ڀارت پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ان سان گڏ هٿ ملائڻ واري تڪرار ۽ ڀارتي ڪپتان سوريار ڪمار يادو جي سياسي بيان ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻيا آهن. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اهم مقابلو اڄ شام ساڍي ستين وڳي شروع ٿيندو.
