قلعه سيف الله ۾ هٿياربندن طرفان 25 ڪروڙ جو سون ڦر، 2 سونارا لٽيا ويا

بلوچستان جي ضلعي قلعه سيف الله جي علائقي مسلم باغ جي ڀرسان اڻڄاتل هٿياربند 3 گاڏين ۾ سوار ٿي ملتان جي 2 سونارن کان ساڍا 7 ڪلوگرام سون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ليويز ذريعن موجب ملتان کان ڪوئٽه ايندڙ بس ۾ پنجاب جا 2 سونارا وڏي مقدار ۾ سون کڻي وڃي رهيا هئا. مسلم باغ جي ڀرسان هٿياربند جوابدارن بس کي روڪي مسافرن کي سامان سميت هيٺ لاٿو ۽ بس مان تقريبن 25 ڪروڙ رپين جو سون ڦر ڪيو، جنهن کان پوءِ سمورن مسافرن کي واپس بس ۾ ويهاري فرار ٿي ويا. متاثر سونارن اختيارين کي ٻڌايو ته هو سون ڪوئٽه ۾ خريدارن تائين پهچائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا، پر رستي ۾ هٿياربندن کين نشانو بڻايو. سندن چوڻ آهي ته ڦر ٿيل سون جي ماليت لڳ ڀڳ 24 ڪروڙ 81 لک رپيا آهي. واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ليويز ذريعن موجب جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جيئن کين ڪنهن محفوظ هنڌ تائين پهچڻ کان اڳ گرفتار ڪيو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو