ڪشمور ۾ پوڙهي عورت جي دانهون: “2022 جي برسات ۾ گهر تباهه ٿيو، پر اڃا تائين امداد نه ملي”

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪشمور جي هڪ پوڙهي عورت پريس ڪلب ڪشمور آڏو دانهون ڪندي چيو آهي ته 2022 جي تباهي ڪندڙ برساتن ۾ سندس گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو هو، پر ٻه سال گذرڻ باوجود کيس امداد نه ملي آهي، جڏهن ته هينڊز اين جي او جا بدعنوان آفيسر پنهنجي پسند جا ماڻهو چونڊي گهر ٺهرائي رهيا آهن ۽ غريبن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي۔ متاثر عورت جو چوڻ هو: “منهنجو گهر سروي ۾ شامل ڪيو ويو، پر مون کي ڪجهه به نه مليو۔ جڏهن پڪو گهر ناهي ته پوءِ پڪو گهر منهنجي نالي تي ڪيئن لکيل آهي؟” پوڙهي ماءُ جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ هن الزام لڳايو ته سندس مائٽن کي امدادي گهر ملي ويا آهن، ڪمرا به ٺهيا آهن، پر کيس ناانصافي سان نظرانداز ڪيو ويو آهي۔ عورت جو چوڻ هو ته: “مان ٻن سالن کان هينڊز آفيس ۾ چڪر هڻي رهي آهيان، پر ڪو به منهنجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي۔ منهنجو نوجوان پٽ مزدوري ڪري اسان جو پيٽ پالڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت صرف واعدا ڪري رهي آهي۔” هن ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور کي اپيل ڪئي ته اچي پاڻ سندس گهر جي حالت ڏسي ۽ انصاف فراهم ڪري۔ واضح رهي ته ڪشمور سميت سنڌ جا ڪيترائي علائقا 2022 جي تباهي ڪندڙ برساتن کانپوءِ به اڄ تائين مڪمل بحاليءَ جو انتظار ڪري رهيا آهن، جتي غريب ۽ متاثر عوام سرڪاري ۽ نجي ادارن جي بي حسي ۽ مبينا ڪرپشن خلاف بار بار آواز اٿارين ٿا۔

پنھنجي راءِ لکو