ڪنڌڪوٽ پوليس جي ڪامياب ڪارروائي: ڦر ٿيل 7 موٽرسائيڪلون، هڪ ڪار ۽ رقم مالڪن حوالي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪنڌڪوٽ پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڦر ٿيل 7 موٽرسائيڪلون، هڪ ڪار ۽ وڏي رقم هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏي، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ به آپريشن جاري آهي۔ تفصيل موجب، ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو جي خاص هدايتن تي اي ايس پي فراز ميتلو ۽ ون فائيو انچارج خليل احمد لغاري جي اڳواڻي ۾ جاري آپريشن دوران ڦر ۽ چوري ٿيل 07 موٽرسائيڪلون اصل مالڪن نواب علي، صفي الله ساوند، غلام شبير ڪشمير، انيل ڪمار، مڪيش ڪمار ۽ راجيش عرف گڊو ڪمار حوالي ڪيون ويون۔ ان کان علاوه هڪ وڏي رقم به هٿ آئي، جيڪا به اصل مالڪ جي حوالي ڪئي وئي۔ ٻئي آپريشن دوران هڪ ڪار به هٿ ڪئي وئي، جيڪا اصل مالڪ غلام سرور ڀلڪاڻي کي واپس ڪئي وئي۔ ڪار برسات سومرو جي گهر مان هٿ آئي، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن جاري آهي۔ ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ امن امان بحال ڪرڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا۔

پنھنجي راءِ لکو