ڪشمور پوليس جي ڪاروائي: ٽڪ ٽاڪَر عورت سهولتڪار گرفتار

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) — ڪشمور پوليس خفيه اطلاع تي وڏي ڪاروائي ڪندي ٽڪ ٽاڪَر عورت عروسا خاتون سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪا مبينا طور شرڪوش گينگ سان واسطو رکندڙ هئي ۽ مختلف ڏوهن ۾ سهولتڪار طور ڪم ڪندي رهي هئي۔ پوليس موجب، گرفتار عورت پنجاب جي ڳوٺ کروڙ جي رهواسي آهي، جيڪا ڌاڙيلن لاءِ ڀتا خوري، اغوا براءِ تاوان ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هئي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته عروسا سولنگي هني ٽريپ ذريعي ماڻهن کي ڄار ۾ ڦاسائي اغوا ڪرائيندي ۽ پوءِ انهن کي ڌاڙيلن تائين پهچائيندي هئي، جنهن جي عيوض وڏي رقم ڀتي طور ورتي ويندي هئي۔ ڪشمور پوليس وڌيڪ چيو ته گرفتار ٿيل عورت کان اهم انڪشاف ٿيڻ جي اميد آهي ۽ جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو