ڪشمور ۾ وڏو آپريشن، اغوا ٿيل پوليس اهلڪار بازياب، 3 ڏوهاري مارجي ويا

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ــ ڪشمور پوليس ۽ رينجرز کي وڏي ڪاميابي ملي آهي، ٿاڻي دراني مهر جي حدن ۾ خادم بهيو گينگ خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن دوران اغوا ٿيل پوليس اهلڪار فضل الرحمان کوسو کي بازياب ڪرايو ويو۔ تفصيل موجب، 20 سيپٽمبر 2025 تي ٿاڻي بي سيڪشن ڪنڌڪوٽ جي حدن قمبراڻي پڪيٽ تي پوليس ۽ ڏوهارين جي وچ ۾ مقابلي دوران ڏوهارين پوليس اهلڪار کي اغوا ڪري ويا هئا۔ ان واقعي کان پوءِ ڪشمور پوليس ۽ رينجرز گڏيل سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن شروع ڪيو، جنهن جي سربراهي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ۽ ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو ڪري رهيا هئا۔ آپريشن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار کي بحفاظت بازياب ڪرايو ويو۔ ياد رهي ته ساڳئي آپريشن دوران 3 خطرناڪ ڏوهاري مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿيا هئا۔ علائقي ۾ پوليس جي ناڪابندي ۽ سرچ آپريشن جو سلسلو جاري آهي ته جيئن ڏوهن ڪندڙ عنصرن جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي۔

پنھنجي راءِ لکو