باجوڙ ۾ دهشتگردن جي ڇڏيل بارودي مواد ڦاٽڻ سبب 3 معصوم ٻار شهيد، 5 زخمي

باجوڙ جي علائقي لغزئي ۾ دهشتگردن فتنته الخوارج طرفان ڇڏيو ويل بارودي مواد ڦاٽڻ سبب 3 معصوم ٻار شهيد ٿي ويا جڏهن ته 5 ٻار زخمي ٿي پيا. سرڪاري ٽي وي موجب اهو افسوسناڪ واقعو تڏهن پيش آيو جڏهن مقامي ٻار معصوميت ۾ بارودي مواد سان کيڏي رهيا هئا، جيڪو اوچتو ڦاٽي پيو. ڌماڪي بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. پاڪ فوج فوري ايڪشن وٺندي زخمين کي هيليڪاپٽر وسيلي پشاور منتقل ڪيو، جتي انهن جو علاج سي ايم ايڇ ۾ ماهر فوجي ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ جاري آهي. مقامي پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ وٺي شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. اختيارين موجب فتنه الخوارج ماضي ۾ به مسجدن، گهرن ۽ شهري آبادي کي ڍال بڻائي اهڙيون دهشتگردانه ڪارروائيون ڪندا رهيا آهن. اهو سانحو به انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته خوارج علائقي ۾ خطرناڪ بارودي ڄار وڇائي ڇڏيا آهن، جيڪي بيگناهه ماڻهن لاءِ خطرو بڻيل آهن. ياد رهي ته وادي تيراهه ۾ به خوارج جي ذخيرو ڪيل بارودي مواد جي ڌماڪي ۾ ڪيترائي معصوم شهري شهيد ۽ 14 دهشتگرد مارجي ويا هئا. گذريل ڏينهن لکي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 17 خوارج کي به ماريو ويو هو. پاڪ فوج واضح ڪيو آهي ته مقامي آبادي جي تعاون سان باجوڙ ۽ ٻين علائقن کي دهشتگردن جي خطرناڪ ڄارن کان مڪمل پاڪ ڪيو ويندو ۽ اهڙن عنصرن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.

پنھنجي راءِ لکو