: ايران صورتحال تي وائٽ هائوس ۾ هنگامي اجلاس، ٽرمپ اعليٰ قيادت سان مشاورت ڪئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): ايران صورتحال تي وائٽ هائوس ۾ هنگامي اجلاس، ٽرمپ اعليٰ قيادت سان مشاورت ڪئي

واشنگٽن ۾ ايران جي صورتحال بابت وائٽ هائوس جي سچويشن روم ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪئي۔

آمريڪي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ اجلاس دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ايراني اختيارين سان ٽيليفون تي رابطو پڻ ڪيو، جنهن ۾ موجوده صورتحال ۽ امڪاني اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔

اجلاس ۾ نائب صدر جي ڊي وينس، پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، دفاع وارو وزير پيٽ هيگسٿ، ناڻي وارو وزير اسڪاٽ بيسنت ۽ وائٽ هائوس چيف آف اسٽاف سوزي وائلز سميت اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا۔ ان کان علاوه اسٽيو وِٽڪوف، سي آءِ اي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف چيئرمين جنرل ڊين ڪين به اجلاس ۾ موجود هئا۔

رپورٽن موجب اجلاس ۾ آبنائي هرمز جي صورتحال، ايران سان جاري ڳالهين ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو۔

ذريعن موجب نائب صدر جي ڊي وينس، جيڪو اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ آمريڪي وفد جي قيادت ڪري چڪو آهي، ايندڙ امڪاني ڳالهين ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو۔

ياد رهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ عارضي جنگبندي جي 15 ڏينهن واري معاهدي جي مدي ۾ صرف ڪجهه ڏينهن باقي آهن، جڏهن ته صدر ٽرمپ اڳ ئي هن هفتي ڪنهن امڪاني معاهدي جي اميد ظاهر ڪري چڪو آهي۔ پر ڳالهين جي نئين تاريخ اڃا تائين اعلان نه ڪئي وئي آهي۔

هڪ اعليٰ آمريڪي عهديدار خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ ۽ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته وائٽ هائوس طرفان هن اجلاس تي اڃا تائين باضابطه بيان جاري نه ڪيو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو