آمريڪا طرفان ايران سان ممڪن ڳالهين بابت پهريون باضابطه بيان سامهون اچي ويو آهي۔ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خصوصي ايلچي اسٽيئو وِٽڪوف چيو آهي ته ايراني اختيارين سان هن هفتي ملاقاتون ٿيڻ جو امڪان آهي۔
ميامي ۾ هڪ ڪاروباري فورم کي خطاب ڪندي وِٽڪوف چيو ته آمريڪا کي اميد آهي ته ايران هن هفتي واشنگٽن سان ڳالهيون ڪندو۔ هن چيو ته آمريڪا طرفان 15 نڪتن تي ٻڌل امن منصوبو پيش ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي تهران جي جواب جو انتظار آهي۔
وِٽڪوف موجب جيڪڏهن ايران مثبت جواب ڏئي ٿو ته ان سان تڪرار حل ٿيڻ جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي۔ هن صدر ٽرمپ جي ان دعويٰ جي به تائيد ڪئي ته تهران معاهدي لاءِ تيار آهي۔
رپورٽن موجب آمريڪي ٽيم ۾ اسٽيئو وِٽڪوف، جيرڊ ڪُشنر ۽ نائب صدر جي ڊي وينس شامل ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ايران جي طرفان پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ اسپيڪر باقر قاليباف ڳالهين ۾ شرڪت ڪندا۔ ذريعن موجب اهي ممڪن ڳالهيون پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي۔
وِٽڪوف صدر ٽرمپ جي ان دعويٰ کي به مثبت علامت قرار ڏنو ته ايران خيرسگالي طور آبنائي هرمز مان 10 تيل بردار جهاز گذرڻ ڏنا آهن۔
صدر ٽرمپ چيو آهي ته تهران ايندڙ هفتن ۾ معاهدي تي راضي ٿي تڪرار ختم ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته آمريڪا پنهنجو دٻاءُ برقرار رکندو۔
