اسلام آباد . پاڪستان جي حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته هو چين جي تحت سي پيڪ ۾ ٺهندڙ بجلي گهرن کي دير سان ادائيگي تي 200 ارب روپيه وياج ادا نه ڪندو ۽ ان سلسلي ۾ بيجنگ کان باضابطه ڇوٽ طلب ڪئي ويندي. ذريعن موجب توانائي ڊويزن آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي دوران پاور سيڪٽر جي مالي ۽ عملي صورتحال بابت بريفنگ ڏني، جتي وضاحت ڪئي وئي ته حڪومت رڳو 250 ارب روپين جا اصل واجبات تسليم ڪري ٿي، پر وياج جي مد ۾ واجب الادا 220 ارب روپين کي تسليم نه ٿي ڪيو وڃي. اها رقم 1.7 کرب روپين جي گڏيل سرڪلر ڊيٽ جو حصو آهي. چين تازي ملاقاتن ۾ پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته سي پيڪ جي توانائي منصوبن لاءِ ٺاهيل معاهدي تحت هڪ سرڪلر اڪائونٽ قائم ڪيو وڃي، جيئن واجبات جي وقت سر ادائيگي ممڪن ٿي سگهي. پر گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جي گڏجاڻي ۾ ٻنهي ملڪن اتفاق ڪيو ته توانائي منصوبا گڏيل مشاورت سان اڳتي وڌايا ويندا ۽ ڪابه ڌر هڪ طرفو فيصلو نه ڪندي. توانائي ڊويزن جي ترجمان تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته في الحال ناڻي واري وزارت ئي مجاز آهي. آءِ ايم ايف ڳالهين دوران بجلي جي گھٽ طلب، سرڪلر ڊيٽ ۾ واڌ ۽ ٻوڏ جي اثرن تي به سوال اٿاريا. ذريعن موجب مالي سال 2025-26 ۾ سرڪلر ڊيٽ ۾ وڌيڪ 500 ارب روپين جو اضافو ٿي سگهي ٿو، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ناڻي واري وزارت کان 540 ارب روپين جي سبسڊي اميد ڪئي پئي وڃي. گذريل مالي سال ۾ سرڪلر ڊيٽ ۾ اضافو صرف 45 ارب رهيو، جيڪو امڪاني 340 ارب کان گھٽ هو، پر موجوده مالي سال ۾ ٻيهر خراب ٿيڻ جو خطرو موجود آهي. آءِ ايم ايف حڪومت جي ان ڪوشش جي واکاڻ ڪئي ه سرڪلر ڊيٽ کي 2.42 کرب کان گهٽ ڪري 1.6 کرب تائين آندو ويو آهي، پر ان کي مستقل بهتري قرار ڏيڻ کان پاسو ڪيو. ٻئي طرف گيس سيڪٽر ۾ 2.6 کرب روپين جو سرڪلر ڊيٽ موجود آهي، جنهن لاءِ حڪومت اڃا تائين بجيٽ فنڊز مختص نه ڪيا آهن، جڏهن ته قطر ايل اين جي معاهدي تي ٻيهر ڳالهين جو به اشارو ڏنو ويو آهي، ڇو ته ايل اين جي بجلي گهر گيس نه کڻڻ سبب فراهمي ۾ رنڊڪون پيدا ٿي رهيون آهن۔
