ڪراچي: موسمياتي تجزيو ڪندڙ جواد ميمڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ته اڄ شهر ۾ موسم سخت گرم ۽ وچولي رهندي، جڏهن ته وڌيڪ نمي سبب گرمي جي شدت 43 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ محسوس ٿي سگهي ٿي. جواد ميمڻ موجب شهر جو گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سامونڊي هوائون بند هجڻ سبب گرمي وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن وضاحت ڪئي ته پوسٽ-مون سون مضبوط هوا جي گهٽ دٻاءُ سبب سامونڊي هوائون معطل ٿي ويون آهن. هن وقت واضح گهٽ دٻاءُ ڀارتي رياست گجرات ۾ موجود آهي، جيڪو وڌيڪ شدت اختيار ڪري ڊپريشن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. موسمياتي تجزيه ڪار ٻڌايو ته انهي سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بند آهن ۽ ان سسٽم جو عرب سمنڊ ۾ اچڻ جو امڪان به موجود آهي. جواد ميمڻ جو چوڻ آهي ته اڄ شهر جي ڪجهه علائقن ۾ کنوڻ سان برسات پئجي سگهي ٿي، جڏهن ته 30 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي برسات جو امڪان آهي.
