اهو نٿو ٿي سگهي جو مريم نواز ڌمڪيون ڏئي ۽ اسين حڪومتي بئنچن تي ويٺل رهون، شرميلا فاروقي

پپلزپارٽي اڳواڻ شرميلا فاروقي جو مريم نواز جي بيان تي سخت ردعمل
پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شرميلا فاروقي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي تازي بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ائين نٿو ٿي سگهي جو مريم نواز ڌمڪيون ڏئي ۽ اسان حڪومتي بئنچن تي ويٺل رهون.
شرميلا فاروقي جو چوڻ هو ته بيان بازي جو سلسلو ڪيترن ڏينهن کان جاري آهي جيڪو هاڻي وڌي ويو آهي، مريم نواز غير مناسب ڳالهيون ڪيون، حڪومتون ائين نٿيون هلن جو ”منهنجا پئسا ۽ منهنجو پاڻي
هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مريم نواز جي تعريف ڪئي جنهن تي اسان کي اعتراض هو، جڏهن به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي ڳالهه ڪيون ٿا ته سامهون کان سخت لفظن ۾ جواب اچي ٿو. اسان جا اڳواڻ پنجاب جي حالتن بابت ٻڌائي رهيا آهن، سياست نٿا ڪريون.

پنھنجي راءِ لکو