فيصل آباد جي علائقي فخرآباد ۾ 15 سالن جي ٻار کي پنجن ماڻهن زيادتي جو نشانو بڻايو آهي، جوابدار نازيبا ويڊيو به ٺاهي رهيا هئا، مقدمو داخل ڪري چار جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔
تفصيل موجب فيصل آباد گٽ والا جي رهواسي صادق جو پندرهن سالن جو پٽ صِيان کي 5 ماڻهن زيادتي جو نشانو بڻايو آهي، متاثر ٻار مقامي حجام جي دڪان تي نوڪري ڪندو هو۔
گذريل ڏينهن سندس ساٿي ملازم ثقلين ۽ سندس ڀاءُ ظهير پنهنجن دوستن حسنين، احسان ۽ رحمان سان گڏجي صيان کي گهر ٻاهران زبردستي گڏ کڻي فخرآباد وٺي ويا ۽ زيادتي جو نشانو بڻايو۔ جوابدارن صيان جي نازيبا ويڊيو به ٺاهي ۽ ڪنهن کي ٻڌائڻ تي ويڊيو وائرل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني۔
ٿاڻو مدينه ٽائون پوليس متاثر ٻار جي والد صادق جي مدعيت ۾ مقدمو داخل ڪري چار جوابدار ثقلين، ظهير، حسنين ۽ احسان کي گرفتار ڪري ڇڏيو، جڏهنتہ رحمان فرار ٿي ويو۔
