وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي سان رابطا وڌائي ڇڏيا

وفاقي حڪومت ناراض پيپلز پارٽي کي سمجھائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد پارٽي قيادت سان رابطا شروع ڪيا ويا آهن۔ذرائع موجب، اڄ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ اهم ملاقات طئي ڪئي وئي آهي۔ پيپلز پارٽي جو وفد نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ نويد قمر، اعجاز جکراڻي ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هوندا۔ ملاقات ۾ التوا هيٺ معاملا ۽ تازو بيان بازي سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪيو ويندو۔ذرائع ٻڌائن ٿا ته پيپلز پارٽي جو وفد نائب وزيراعظم کي پنهنجن خدشن ۽ شڪايتن کان آگاهه ڪندو۔ خاص طور تي پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ ٻين وزيرن جي پيپلز پارٽي مخالف بيانن تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو۔پيپلز پارٽي اڳواڻ ٻوڏ متاثرن جي امداد بابت پنهنجا مطالبا پيش ڪندي ۽ پنجاب ۾ پيش ايندڙ مسئلن بابت اسحاق ڊار کي آگاهه ڪندي۔ ياد رهي ته پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته ٻوڏ متاثرن بابت انهن جون تجويزون نظرانداز ڪيون ويون آهن، جنهن تي پارٽي کي سخت خدشا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو