سنڌ جا پارليامينٽرين غذائيت بابت قانونن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ پرعزم ٿي ويا

ڪراچي: سنڌ جا پارليامينٽرين غذائيت بابت قانونن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ پرعزم ٿي ويا. ناري فائونڊيشن ,ايس پي او ۽ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪاميٽي (آءِ آر سي) جي سهڪار سان ڪراچي ۾ ٿيل هڪ صوبائي مشاورت واري گڏجاڻي ۾ مختلف لاڳاپيل ڌرين گڏجي سنڌ بريسٽ فيڊنگ اينڊ ينگ چائلڊ نيوٽريشن ايڪٽ 2023، سالٽ آئيڊائيزيشن ايڪٽ 2013 ۽ سنڌ فوڊ فورٽيفڪيشن ايڪٽ 2021 تي وڌيڪ اثرائتي عملدرآمد لاءِ اتفاق ڪيو، جيئن سنڌ ۾ غذائي کوٽ جو مقابلو ڪري سگهجي. هن اجلاس ۾ پارليامينٽيرين، سرڪاري آفيسرن، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ ترقياتي ساٿين شرڪت ڪئي. اسٽيڊنگ ڪاميٽي آن وومين ڊولپمينٽ جي چيئرپرسن ۽ وومين پارلياماني ڪاڪس جي سيڪريٽري فرح سهيل عزم ظاهر ڪيو ته هوءَ سنڌ اسيمبلي ۾ غذائيت کي ايجنڊا طور اجاگر ڪندي. هن اهو به اعلان ڪيو ته ڪاڪَس جي اندر هڪ سب ڪاميٽي قائم ڪئي ويندي جيڪا قانونن تي عملدرآمد جي نگراني ڪندي، بجيٽ ۾ اضافي لاءِ سفارشون ڪندي ۽ غذائيت کي صوبائي ترجيحن ۾ شامل رکندي. وومين پارلياماني ڪاڪس جي ميمبرڪرن مسعود، يورپي يونين جي فنڊ سان هلندڙ غذائيت واري پروجيڪٽ جي واکاڻ ڪئي. هن زور ڏنو ته غذائي کوٽ تي ختم ڪرڻ، مائرن ۽ نون ڄاول ٻارن جي صحت لاءِ پيدائش ۾ مناسب وقفي کي فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. ناري فائونڊيشن جي ايگزيڪٽو ڊئريڪٽر انور علي مهر غذائيت جي کوٽ کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ غذائيت سان لاڳاپيل قانونن تي عملدرآمد بابت اڳڀرائي ۽ چيلينجز پيش ڪيا، جتي آگاهي، نگراني ۽ نفاذ ۾ موجود کوٽن کي اجاگر ڪيو ويو. هُن پارليامينٽيرين بين الاقوامي ريسڪيو ڪاميٽي جي ڪوششن جي پڻ واکاڻ ڪئي، جنهن سنڌ ۾ غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ تحقيق تي ٻڌل ايڊووڪيسي، صلاحيت وڌائڻ ۽ ڪميونٽي جي شموليت وسيلي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هنن چيو ته آءِ آر سي جي شراڪت پاليسي ۽ عملي قدمن جي وچ ۾ پُل جو ڪم ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مائرن ۽ ٻارن لاءِ حقيقي فائدا حاصل ٿي رهيا آهن.
آءِ آر سي جي پروگرام ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر راڻو مل ڪاڪَس جي غذائيت کي سنڌ جي پاليسي ايجنڊا ۾ اڳتي وڌائڻ واري واعدي کي اجاگر ڪيو. هُن پارلياماني نگراني کي وڌائڻ، مناسب بجيٽ رکڻ ۽ مختلف شعبي وارن ادارن جي گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو ، جيئن آئيوڊائيزڊ لوڻ کي عام ڪرڻ، خوراڪ جي لازمي فورٽيفڪيشن ۽ بريسٽ فيڊنگ کي فروغ ملي سگهي. سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي سيڪريٽري طارق حسين مهر، ناري فائونڊيشن, ايس پي او، آءِ آر سي ۽ سول سوسائٽي تنظيمن جي پارلياماني ميمبرن کي غذائيت جي مسئلن ۾ شريڪ ڪرڻ واري ڪوششن کي ساراهيو. هن شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته مشاورت مان نڪتل سفارشون ايندڙ پاليسي عملدرآمد فريم ورڪ ۾ شامل ڪيون وينديون، جنهن کي جلد اسيمبلي ۾ پيش ڪري منظور ۽ نافذ ڪيو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو