پيوٽن جو اهم پيغام,غزه مان اسرائيلي فوج جي نيڪالي ۽ ٻه رياستي حل جي حمايت

روسي صدر ولاديمير پيوٽن غزه ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ اهم پيغام ڏيندي چيو آهي ته جيڪر اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻه رياستي حل ڏانهن اڳڀرائي ڪري ٿو ته روس هن قدم جي پوري حمايت ڪندو. پيوٽن موجب علائقي ۾ پائيدار امن لاءِ اسرائيل سان گڏ هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام لازمي آهي. هن زور ڏنو ته سڀئي ڌريون غزه مان اسرائيلي فوج جي مرحليوار نيڪالي لاءِ هڪ واضع ٽائيم لائين تي متفق ٿين ته جيئن امن جو رستو هموار ٿي سگهي. روسي صدر اميد ظاهر ڪئي ته هاڻي وڌيڪ فائرنگ يا فوجي ڪارروائي نه ٿيندي ۽ ڳالهين ذريعي ئي تڪرار جو حل نڪرندو.

پنھنجي راءِ لکو