پنهنجي خوبصورتي ۽ نفيس چٽساليءَ جي ڪم جي ڪري پوري ملڪ ۾ مشهور ڀنُگ واري مسجد پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان، تعلقو صادق آباد جي ڳوٺ ڀنُگ ۾ واقع آهي. هي مسجد سنڌو درياهه کان لڳ ڀڳ ڏهه ڪلوميٽر اتر اولھ ۽ صادق آباد شهر کان 25 ڪلوميٽر اتر اولھ طرف موجود آهي. جڏهن ته اُتر سنڌ جي ضلعن گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي حدن کان مسجد رڳو 15 ڪلوميٽر پري آهي. نئين ٺهيل سکر-ملتان موٽروي به ڀنُگ ڳوٺ کان صرف ڏيڍ ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ گذري ٿي.
تعمير جي شروعات ۽ پسمنظر
ڀنُگ واري مسجد جو تعميراتي ڪم 1932ع ۾ ڀنُگ ڳوٺ جي هڪ وڏي زميندار رئيس غازي خان انڍڙ شروع ڪرايو. رئيس کي مسجد جي تعمير سان ايڏو شوق هو جو جڏهن به هو ٻاهرين ملڪن جو سفر ڪندو هو ته اتان جي مشهور مسجدن جو جائزو وٺندو هو. کيس جڏهن به ڪنهن مسجد جو ڪو حصو پسند ايندو هو ته اُن جون تصويرون ڪڍي اچي پنهنجي ڳوٺ جي مسجد ۾ ساڳي انداز ۾ ڪم ڪرائيندو هو.
اهو ئي سبب آهي جو 1932 کان 1982 تائين لڳاتار 50 سالن تائين مسجد جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ تعمير جاري رهي. ڪيترائي ڀيرا اڳ ۾ ٺهيل حصا ڊهرائي وري نئين سر ٺاهيا ويا. علائقي ۾ اڄ به هڪ چوڻي مشهور آهي ته جڏهن به ڪنهن شيءِ جو ڪم گهڻو ڊگهو ٿي وڃي ته چوندا آهن: “بابا هي ته ڀنُگ واري مسجد آهي.”
تعميراتي حسن ۽ قيمتي مواد
مسجد جي تعمير ۾ نه صرف مقامي سامان استعمال ٿيو پر اٽلي، هنگري ۽ آسٽريليا جهڙن ملڪن مان به قيمتي پٿر ۽ نفيس سامان گهررايا ويا. مسجد جي چٽسالي، رنگين ٽائلز ۽ نفيس سنگ تراشيءَ کي ڏسي ماڻهو حيران ٿي وڃن ٿا. سندس حسن ۽ نفاست کي ڏسي چيو وڃي ٿو ته شاهجهان جا ٺهرايل تاج محل ۽ شيش محل به هن جي مقابلي ۾ شرمائين ٿا.
گنجائش ۽ شهرت
مسجد ۾ هڪ ئي وقت لڳ ڀڳ چار هزار ماڻهو نماز ادا ڪري سگهن ٿا. پاڪستان ۾ ڪنهن هڪ شخص پاران پنهنجي ذاتي خرچ تي اهڙي شاهڪار ۽ مهانگي مسجد ٺهرائڻ جو ٻيو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي.
سياحتي اهميت
ڀنُگ واري مسجد کي ڏسڻ لاءِ نه رڳو ملڪ جي چئني صوبن مان ماڻهو وڏي شوق سان ايندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن ٻاهرين ملڪن جا سرڪاري وفد ۽ سربراهه به هتي اچن ٿا. هي مسجد پاڪستان جي تعميراتي حسن ۽ فنِ چٽساليءَ جو اهڙو شاهڪار آهي جيڪو پنهنجي مثال پاڻ آهي
