پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خساري مان نڪري سرپلس ۾ تبديل

پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خساري مان نڪري سرپلس ۾ تبديل

سٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب نومبر 2025 دوران پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ 10 ڪروڙ ڊالر سرپلس رهيو، جڏهن ته آڪٽوبر 2025 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ 29 ڪروڙ ڊالر خساري ۾ هو۔اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ موجب آڪٽوبر 2025 ۾ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 291 ملين ڊالر هو، جڏهن ته نومبر 2024 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ 709 ملين ڊالر سرپلس رهيو۔رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين پنجن مهينن دوران پاڪستان جو مجموعي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 812 ملين ڊالر رهيو، جڏهن ته گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ 503 ملين ڊالر سرپلس ۾ هو۔ماهرن جو چوڻ آهي ته پرڏيهه ويٺل پاڪستانين طرفان موڪليل ترسيل رقم ۾ واڌ سبب ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ بهتر ٿي رهيو آهي، جيڪو معيشت لاءِ سٺو اشارو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو