نيو ڪراچي ۾ انوکي واردات ڌاڙيل ملڪ شاپ مان کير سان ڀريل ٽئنڪي کڻي فرار

شهر قائد جي علائقي نيو ڪراچي ايوب ڳوٺ ۾ ڌاڙيلن انوکي واردات ڪندي هڪ ملڪ شاپ مان کير سان ڀريل ٽئنڪي ڦر ڪري ورتي۔ واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيچ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ڪار سوار جوابدارن کي واضح نموني ڏسي سگهجي ٿو۔فوٽيچ موجب ڪار ملڪ شاپ آڏو بيهاري وئي جنهن مان ٻه جوابدار لهي آيا ۽ کير سان ڀريل ٽئنڪي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي۔ دڪان دار مزاحمت ڪئي، پر ڌاڙيلن کيس هٿيارن جي زور تي ڌمڪائي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ٽئنڪي کڻي فرار ٿي ويا۔واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو۔ٻئي طرف، ڪراچي جي علائقي ڪيماڙي ۾ رينجرز ۽ پوليس پاران گڏيل سرچ آپريشن ڪيو ويو۔ ايس ايس پي ڪيماڙي امجد شيخ موجب آپريشن شير شاهه، مدينه ڪالوني ۽ بلديه جي علائقن ۾ ڪيو ويو، جتي داخلي ۽ خارجي رستا سيل ڪري گهرن جي تلاشي ورتي وئي۔سرچ آپريشن دوران 14 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، جڏهن ته شير شاهه علائقي مان 3 ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا، جن کان هٿيار ۽ منشيات به هٿ آيون۔ گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ عامر، رياض ۽ ماجد طور ٿي آهي۔آپريشن دوران شڪي هنڌن، بند هوٽلن ۽ چانهه خانن جي به جاچ ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس جون عورت اهلڪار به ڪارروائي ۾ شامل هيون۔

پنھنجي راءِ لکو