لاهور ايئرپورٽ تي هڪ نجي ايئرلائن خلاف مسافرن سخت احتجاج ڪيو آهي، جتي ايئرلائن طرفان ٻيهر وقت ڏيڻ باوجود پرواز منسوخ ڪئي وئي، جنهن سبب مسافر سخت پريشان ٿي ويا۔مسافرن جو چوڻ آهي ته ايئرلائن اڄ صبح 10 وڳي روانگي جو وقت ڏنو هو، پر مقرر وقت تي پرواز ٻيهر منسوخ ڪئي وئي۔ مسافرن موجب اڳ ۾ کين 19 ڊسمبر جي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي هئي، پر ايئرپورٽ پهچڻ تي ٻڌايو ويو ته پرواز منسوخ ڪئي وئي آهي۔بعد ۾ ايئرلائن طرفان 21 ڊسمبر جي نئين ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي، پر اها پرواز به بغير اڳواٽ اطلاع جي منسوخ ڪئي وئي۔ مسافرن جو چوڻ آهي ته ٻيهر منسوخي بابت کين ڪا ڄاڻ به نه ڏني وئي۔احتجاج ڪندڙ مسافرن موجب هو شديد ڌنڌ ۽ سردي ۾ مختلف شهرن مان سفر ڪري لاهور ايئرپورٽ پهتا آهن، جڏهن ته ڪيترائي مسافر گذريل چار ڏينهن کان ايئرپورٽ تي ڦاٿل آهن۔ٻئي پاسي نجي ايئرلائن جي انتظاميه جو چوڻ آهي ته فني خرابي سبب پرواز منسوخ ڪئي وئي آهي، ۽ خرابي دور ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن۔ انتظاميه موجب فني خرابي ختم ٿيڻ کانسواءِ پرواز روانو نٿي ڪري سگهجي۔
