پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر چيو آهي ته پي ٽي آءِ طرفان 8 فيبروري تي ڦيٿو جام ۽ شٽر ڊائون هڙتال لاءِ تياريون جاري آهن جي پروگرام خبر ۾ ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته 8 فيبروري تي عوام کان ووٽ کسيو ويو، جيڪو ملڪ لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج آهي۔ هن چيو ته 1973ع جي آئين کي ان جي اصل صورت ۾ بحال ڪيو وڃي ۽ عوام جي ووٽ جي حق کي تسليم ڪيو وڃي۔اسد قيصر چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف 8 فيبروري تي يومِ سياهه ملهائيندي ۽ تاجر برادري کان شٽر ڊائون هڙتال جي اپيل ڪئي ويندي۔ هن چيو ته هاڻ ڏسنداسين ته حڪومت ڳالهين ۾ ڪيتري سنجيده آهي۔پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته پاڪستان هن وقت سنگين مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، معيشت سخت متاثر ٿي چڪي آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو موقف جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني آهي۔اسد قيصر چيو ته اختيار حڪومت وٽ هوندو آهي ۽ حڪومت کي ئي دل وڏو ڪرڻو پوندو آهي۔ هن چيو ته اسيمبلي ۾ ويٺل ماڻهن کي هو حقيقي حڪومت نٿا سمجهن۔هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا دنيا جي سڀني ملڪن سان سٺا لاڳاپا هئڻ گهرجن ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي آڻڻ لاءِ واضح ايجنڊا هجڻ گهرجي۔مذاڪرات بابت ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته ڳالهين جي ڪا به ٽائيم لائن ناهي ۽ اهو تاثر غلط آهي ته پي ٽي آءِ ڳالهائڻ نٿي چاهي۔ اسان ڪا به شرط ناهي رکي، صرف پنهنجو ايجنڊا پيش ڪيو آهي۔ هن چيو ته نواز شريف به ووٽ کي عزت ڏيڻ جي ڳالهه ڪندو هو ۽ پي ٽي آءِ به ساڳيو مطالبو ڪري رهي آهي۔
