ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن جا ڪرسمس تقريبن تي حملا گرجا گهرن ۾ توڙ ڦوڙ ۽ ڌمڪيون

جڏهن دنيا ڀر ۾ مسيحي برادري مذهبي جوش سان ڪرسمس جو تہوار ملهايو، تڏهن ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن اقليتن خلاف نفرت ۽ انتهاپسندي جي سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون ۽ مسيحي برادري کي امن سان ڪرسمس ملهائڻ نه ڏنو۔ميڊيا رپورٽن موجب بجرنگ دل سان لاڳاپيل انتهاپسند جٿن مختلف علائقن ۾ گرجا گهرن ۾ گهڙي عبادتن ۾ مداخلت ڪئي، توڙ ڦوڙ ڪئي ۽ مسيحي برادري کي سنگين ڌمڪيون ڏنيون شاپنگ مالز، عيسائي آباديون ۽ ٻيا هنڌ جتي ڪرسمس جون سجاوٽيون لڳل هيون، اتي به تباهي مچائي وئي
مدهيه پرديش ۾ هڪ چرچ ٻاهران توڙ ڦوڙ ڪئي وئي، جڏهن ته خوشيون ملهائيندڙ مسيحي شهرين کي ڊيڄارڻ لاءِ نفرت ڀريا نعرا هنيا ويا۔ آسام ۾ هڪ اسڪول تي حملو ڪري ڪرسمس جون سجاوٽي شيون ساڙي ڇڏيون ويون۔ڇتيش ڳڙهه ۾ شاپنگ مال ٻاهران لڳل ڪرسمس فلوٽ کي نقصان پهچايو ويو، جڏهن ته اتر پرديش، اوڙيسا، چندي ڳڙهه يرالا سميت ٻين رياستن ۾ به ڪيترن ئي هنڌن تي ڪرسمس تقريبن تي حملا ٿيا۔انهن واقعن ڀارت ۾ اقليتن جي تحفظ ۽ مذهبي آزادي بابت ڳڻتي وڌائي ڇڏي آهي

پنھنجي راءِ لکو