ڪويت ۾ انرجي ڊرنڪس تي پابندي اسڪولن آفيسن ريسٽورنٽن ۽ ڊليوري تي مڪمل پابندي

انرجي ڊرنڪس جي وڪرو ۽ تقسيم تي سخت پابنديون لڳائي ڇڏي آهي. صحت واري وزير پاران جاري ڪيل فيصلي موجباسڪولن، يونيورسٽي سرڪاري آفيسن، ريسٽورنٽن، ڪيفي، فوڊ ٽرڪس ۽ گروسري اسٽورن ۾ انرجي ڊرنڪس جي وڪرو مڪمل طور تي منع ڪئي وئي آهي.18 سال کان گهٽ عمر وارن ماڻهن کي اهي مشروبات وڪرو نه ڪيا ويندا.هڪ شخص هڪ ڏينهن ۾ وڌ ۾ وڌ ٻه ڪين خريد ڪري سگهي ٿو، ۽ هر ڪين (250 ملي لٽر) ۾ ڪيفين جي مقدار 80 ملي گرام کان وڌيڪ نه هوندي.انرجي ڊرنڪس جي وڪرو صرف منتخب مارڪيٽن ۽ ڪوآپريٽو سوسائٽيز تائين محدود هوندي، جتي عمر ۽ مقدار تي سخت نگراني ڪئي ويندي.تجارتي اشتهارن، پروموشنز ۽ اسپانسرشپ تي مڪمل پابندي هوندي.هر ڪين تي صحت بابت واضح وارننگ ليبل لازمي هوندو.هي فيصلو نوجوانن ۽ عوام جي صحت کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، ته جيئن ڪيفين جي وڌيڪ استعمال جا خطرا گهٽائي سگهجن.

پنھنجي راءِ لکو