سابق وزيراعظم بينظير ڀٽو جي برسي ۾ اعليٰ سرڪاري وفد گڙهي خدا بخش پهتو

وزیراعظم شہبازشریف جي خاص هدايت تي اعليٰ سرڪاري وفد سابق وزيراعظم بينظير ڀٽو جي برسي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ گڙهي خدا بخش روانو ٿي ويو آهي. وفد جي قيادت اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياض صادق ڪري رهيا آهن.وفد ۾ مشير وزیراعظم رانا ثناءالله، وفاقي وزير طارق فضل چوهڙي ۽ ٻيا قومي اسيمبلي جا اراکين شامل آهن اياض صادق ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ دوران چيو ته بينظير ڀٽو پاڪستان کي جهموري رياست بڻائڻ ۽ عورتن جي حقن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.وفد پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو. بينظير ڀٽو جي قربانيون ۽ خدمتون قوم لاءِ مشعل راهه آهن ۽ انهن کي ياد رکڻ اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.

پنھنجي راءِ لکو