پاڪستانين لاءِ يورپ ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي ويا آهن، جتي پاڪستان اٽلي کان ساڍا 10 هزار نوڪرين جو ڪوٽا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي۔وزارت اوورسيز پاڪستانين موجب اٽلي ايندڙ ٽن سالن لاءِ پاڪستان کي نوڪرين جو ڪوٽا الاٽ ڪيو آهي، جنهن تحت هر سال 3 هزار 500 پاڪستاني روزگار لاءِ اٽلي ويندا۔ترجمان موجب سالياني ڪوٽا ۾ 1500 سيزنل ۽ 2000 نان سيزنل نوڪريون شامل آهن۔ هي ڪوٽا وفاقي وزير چوڌري سالڪ جي درخواست تي منظور ڪيو ويو۔وزارت موجب شپ بريڪنگ هيلٿ ڪيئر ۽ زراعت جي شعبن ۾ پاڪستاني هنرمند ۽ نيم هنرمند مزدور اٽلي ۾ روزگار حاصل ڪندا۔ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته اٽلي يورپ جو پهريون ملڪ آهي جنهن پاڪستان لاءِ نوڪرين جو ڪوٽا مختص ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ اٽلي جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو ٻيو اجلاس فيبروري 2026 ۾ ٿيندو۔وفاقي وزير چوڌري سالڪ چيو ته اٽلي طرفان پاڪستان لاءِ نوڪرين جو ڪوٽا ڏيڻ هڪ اهم سنگِ ميل آهي، جنهن سان پاڪستاني ورڪ فورس لاءِ يورپ ۾ روزگار جا در کلي ويندا۔ هن چيو ته حڪومت محنت ڪشن کي عالمي سطح تي باعزت روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي۔
