جاپان ۾ خوفناڪ حادثو 67 گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون 2 ڄڻا فوت 26 زخمي

جاپان ۾ پيش آيل هڪ دل ڏکوئيندڙ ٽريفڪ حادثي ۾ 67 گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو فوت ۽ 26 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته زخمين مان پنجن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي۔جاپاني ميڊيا موجب حادثو جمعي ڏينهن ٽوڪيو جي اتر اولھ ۾ واقع صوبه گنما جي ميناکامي علائقي ۾ کان ايٽسو ايڪسپريس وي جي ٻاهر ويندڙ لين تي پيش آيو۔ پوليس جو چوڻ آهي ته شام تقريباً ساڍي ست وڳي برفباري سبب سڙڪ تي شديد ترڻ پيدا ٿي وئي هئي۔پوليس موجب هڪ حادثي سبب هڪ ٽرڪ اڳ ئي بيٺل هو ته ترڻ سبب ٻيو ٽرڪ اچي ان سان ٽڪرائجي ويو، جنهن کان پوءِ پٺيان ايندڙ ڪيترين ئي گاڏين هڪ ٻئي سان ٽڪر کائيندي لڳاتار حادثا ڪيا، جنهن سبب لڳ ڀڳ 300 ميٽر تائين گاڏين جي قطار لڳي وئي۔حادثي دوران گهٽ ۾ گهٽ 20 گاڏين ۾ باهه لڳي وئي، جنهن کي وسائڻ ۾ ريسڪيو عملي کي ست ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت لڳو۔ پوليس موجب ٽوڪيو سان تعلق رکندڙ 77 سالا عورت، جيڪا پنهنجي خاندان سان گڏ گاڏي جي پٺئين سيٽ تي ويٺل هئي، فوت ٿي وئي، جڏهن ته هڪ وڏي ٽرڪ جي ڊرائيور سيٽ مان به هڪ لاش هٿ آئي۔ريسكيو عملدارن ٻڌايو ته برفباري ۽ ترڻ سبب امدادي ڪارروائين ۾ ڏکيائيون پيش آيون۔ حادثي کان پوءِ يڪسپريس وي جو متاثر حصو بند ڪيو ويو، جتي ڪيترين ئي گاڏين مڪمل طور سڙي تباهه ٿي چڪيون هيون۔

پنھنجي راءِ لکو