جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ نورخان چولياڻي ۾ پوليس مقابلي ۾ نوجوان قتل وارثن جو سيشن ڪورٽ آڏو ڌرڻو

جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ نورخان چولياڻي ۾ گذريل رات پوليس جي مبينا مقابلي دوران نوجوان پيراڻو چولياڻي قتل ٿي ويو. واقعي خلاف مقتول جي وارثن لاش سيشن ڪورٽ آڏو روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو.ڌرڻي دوران مقتول جي وارثن زادي خاتون، گوهر خاتون، جوري خاتون، احسان، طفيل، ظهور، شبير ۽ رهزن چولياڻي سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته پوليس سندن نوجوان کي ناحق قتل ڪيو آهي.وارثن موجب پيراڻو چولياڻي پنهنجي زمين تي ڪڻڪ کي ڀاڻ ڏئي رهيو هو ته پوليس مخالف ڌر رزاق چولياڻي ۽ ياسين چولياڻي کان مبينا طور پئسا وٺي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيومقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن اعجاز کوسو، وسيم، امتياز ڏاهاڻي ۽ حيدر ڏاهاڻي نوجوان کي قتل ڪيو آهي. وارثن اعليٰ اختيارين ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته کين انصاف فراهم ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

پنھنجي راءِ لکو