پاڪستان ۾ مهانگا بجلي جا بل عوام کي سولر پينلن ڏانهن تيزي سان راغب ڪري رهيا آهن، جنهن سبب بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي سخت امتحان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي سولر پينلن جي قيمتن ۾ گهٽتائي بعد توانائي جي شعبي ۾ ايندڙ سالن ۾ وڏي تبديلي جا امڪان پيدا ٿي ويا آهنرواں سال وفاقي حڪومت سولر پينلن تي سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو مان گهٽائي 10 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ سولر سسٽمن جون قيمتون نمايان طور گهٽجي ويون۔ ماهرن ان فيصلي کي مثبت قدم قرار ڏنو آهي۔توانائي جي ماهرن موجب مهانگائي ۽ بجلي جي وڏن بلن سبب شهري وڏي انگ ۾ پنهنجن گهرن جي ڇتين تي سولر پينل لڳرائي رهيا آهن، جنهن سان قومي گرڊ تي دارومدار گهٽجي رهيو آهيبين الاقوامي خبر رساں اداري رائٽرز مطابق پاڪستان هن وقت ضرورت کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، ۽ ايندڙ سالن ۾ ڇتين تي لڳل سولر پينل اضافي بجلي پيدا ڪري سگهن ٿا، جنهن سان بجلي جي قيمتن ۽ پاور سيڪٽر جي آمدني تي وڏو اثر پئجي سگهي ٿو۔ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سولر انرجی جو هي رجحان جاري رهيو ته توانائي جي پاليسين ۽ بجلي جي نظام ۾ بنيادي تبديليون آڻڻيون پونديون۔
