سال 2025 جا دل ڏکوئيندڙ سانحا اهي واقعا جيڪي پاڪستان کي لوڏي ڇڏيو

سال 2025 پاڪستان سميت سڄي دنيا لاءِ انتهائي ڏکيو ثابت ٿيو، جنهن دوران ڪيترائي المناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ واقعا پيش آيا، جيڪي ماڻهن جي ذهنن تي گهرا اثر ڇڏي ويا۔8 جولاءِ 2025 تي ڪراچي جي ڊي ايڇ اي فيز ڇهه مان اداڪاره ۽ ماڊل حميـرا اصغر جي لاش سندس ڪرائي جي فليٽ مان ملي۔ 42 ورهين جي اداڪاره جي لاش سخت گل سڙي حالت ۾ هئي، جنهن مان ظاهر ٿيو ته سندس وفات آڪٽوبر 2024 ۾ ٿي هئي۔ پوليس موجب فليٽ اندر کان بند هئڻ سبب قتل جو امڪان رد ڪيو ويو۔4 جولاءِ 2025 تي لياري ۾ پنج ماڙ رهائشي عمارت ڪرڻ سبب 27 ماڻهو فوت ٿي ويا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل هئا۔ اڪثريت جو تعلق هندو برادري سان هو، جڏهن ته متاثر خاندان اڄ به متبادل رهائش لاءِ دربدر آهن۔جنوري 2025 ۾ نارتھ ڪراچي مان لاپتہ ٿيندڙ 7 ورهين جي ٻار صارم جي لاش 11 ڏينهن بعد پاڻي جي ٽينڪ مان ملي۔ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ گلا گهونٽڻ ۽ ڳچيءَ جي هڏي ٽٽڻ جا ثبوت مليا، جنهن بعد ڪيس ممڪن قتل ۾ تبديل ٿي ويو۔ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ 8 ورهين جو ٻار دلبر علي کليل مين هول ۾ ڪري فوت ٿي ويو رپورٽن موجب ڪراچي ۾ هن سال 27 ماڻهو کليل مين هول ۽ نالن سبب فوت ٿي چڪا آهن، جيڪا انتظامي نااهلي جو وڏو مثال آهيجون 2025 ۾ درياءِ سوات ۾ آيل اوچتي ٻوڏ هڪ ئي خاندان جي 18 سياحن کي ٻوڙي ڇڏيو۔ متاثر ماڻهو ڊگهي وقت تائين مدد لاءِ دانهن ڪندا رهيا، پر ڪو به نه پهتو، جنهن واقعي سڄي ملڪ کي غمگين ڪري ڇڏيو۔ساڳئي طرح نيپا چورنگي تي ٽن ورهين جو ٻار ماءُ جي سامهون کليل مين هول ۾ ڪري فوت ٿي ويو جنهن جي لاش 15 ڪلاڪن بعد نالي مان ملي۔ واقعي جي وڊيو به منظرعام تي آئي، پر ان باوجود ڪا به اثرائتي ڪارروائي نه ٿياهي سڀ واقعا سال 2025 کي هڪ المياتي سال طور يادگار بڻائي ويا۔

پنھنجي راءِ لکو