متحده عرب امارات جي اترين رياستن ۾ موسلا ڌار برسات پوڻ کان پوءِ سردي جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي۔ فجيره، راس الخيمه ۽ ام القيوين ۾ برسات سبب موسم وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو آهي۔پرڏيهي ميڊيا موجب برسات سبب راس الخيمه جي بلند ترين جبل جبل جيس تي گرمي پد 6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن ڪري علائقي ۾ سخت سردي محسوس ڪئي پئي وڃي۔واضح رهي ته هفتي جي شروعات ۾ نيشنل سينٽر آف ميٽرولوجي NCM) طرفان مٽي ۽ ڌوڙ جي طوفان جي خدشي سبب عوام، خاص طور گاڏي هلائيندڙن لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو هو۔محڪمي خبردار ڪيو هو ته تيز هوائون حدِ نظر کي متاثر ڪري سگهن ٿيون، جنهن سان ڊرائيونگ دوران خطرو وڌي سگهي ٿو۔شهرين کي غير ضروري طور ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪرڻ، دروازن ۽ دريائن کي بند رکڻ ۽ موسم بابت معلومات صرف سرڪاري ذريعن کان حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي۔
