نئون سال 2026 جعلي مبارڪباد ۽ انعامي لنڪس کان هوشيار رهو نيشنل سائبر ڪرائم ايجنسي جو الرٽ

اڄ رات 12 وڳي دنيا سميت پاڪستان ۾ نئين سال 2026 جي آمد ٿيندي ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيندو۔ واٽس ايپ ۽ ٻين سوشل ميڊيا ايپس تي نئين سال جا پيغام وڏي تعداد ۾ موڪليا ويندا۔پر هن موقعي تي سائبر جعلساز جعلي مبارڪباد، انعامي تحفن جي خوشخبري ڏيندڙ لنڪس پڻ موڪليندا آهن، جيڪي صارفين لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿا۔نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) نئين سال جي موقعي تي عوام لاءِ الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ جعلي لنڪس ۽ تحفن وارن پيغامن کان خبردار رهو۔الرٽ ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به اڻڄاتل يا مشڪوڪ لنڪ تي ڪلڪ نه ڪيو وڃي ۽ نه ئي واٽس ايپ ڪوڊ يا ذاتي معلومات ڪنهن سان شيئر ڪئي وڃيايجنسي موجب اهڙا لنڪس هيڪنگ جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا، جن وسيلي موبائل فون، ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ ۾ وائرس داخل ڪري ذاتي ۽ مالي ڊيٽا کي نقصان پهچائي سگهجي ٿو۔عوام کي هدايت ڪئي وئي آهي ته نئين سال جي موقعي تي پنهنجي ذاتي ۽ مالي معلومات جي حفاظت لاءِ اهڙن پيغامن کي فوري طور نظرانداز ڪري ڊيليٽ ڪيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو