دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وزني شخص جوآن پيڊرو فرانڪو 41 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وزني شخص، ميڪسيڪو جو شهري جوآن پيڊرو فرانڪو 41 ورهين جي عمر ۾ فوت ٿي ويو۔ هو گردن جي سخت انفيڪشن ۾ مبتلا هو، جنهن سبب هو زندگي جي جنگ هارائي ويٺو۔گنيز ورلڊ رڪارڊ موجب جوآن پيڊرو فرانڪو کي سال 2017 ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وزني زنده انسان قرار ڏنو ويو هو، جڏهن سندس وزن 1,322 پائونڊ، يعني لڳ ڀڳ 600 ڪلوگرام تائين پهچي ويو هو۔انتہائی وزن سبب هو ڊگهي عرصي تائين بستري تائين محدود رهيو ۽ روزمرهه جي زندگي جا ڪم سرانجام ڏيڻ سندس لاءِ تمام ڏکيا ٿي ويا هئا۔ميڊيا رپورٽن موجب زندگي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ هن وزن گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ هن سرجري پڻ ڪرائي ۽ سخت ڊائٽنگ شروع ڪئي۔ ٻڌايو وڃي ٿو ته وفات کان اڳ هو لڳ ڀڳ 10 ڪلوگرام وزن گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پر گردن جي شديد انفيڪشن سبب جان بچائي نه سگهيو۔

پنھنجي راءِ لکو