وينزويلا جي گاديءَ واري شهر ڪاراكاس ۾ 7 زوردار ڌماڪا فوجي اڏي ڀرسان بليڪ آئوٽ

ڏکڻ آمريڪي ملڪ وينزويلا جي گاديءَ واري شهر ڪاراكاس ۾ گهٽ ۾ گهٽ ست زوردار ڌماڪا ٻڌڻ ۾ آيا آهن، جنهن بعد شهر جي مختلف علائقن ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي۔ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا سان وڌندڙ ڇڪتاڻ جي وچ ۾ ڪاراكاس ۾ ڌماڪن جون آوازون ٻڌيون ويون ۽ فضا ۾ ڌوئیں جا وڏا ڪڪر نظر آيا اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڌماڪا شهر جي ڏکڻ علائقي ۾ واقع فوجي اڏي جي ويجهو ٿيا، جنهن کانپوءِ اڌ شهر اونداهي ۾ ٻڏي ويو۔الجزيره موجب ڌماڪا ڪاراكاس جي مرڪزي فوجي اڏي “فورٽونا” جي ڀرسان يا ان جي آس پاس ٿيا، جيڪو هڪ اهم عسڪري مرڪز آهي۔ ڌماڪن کانپوءِ سڄي علائقي ۾ بليڪ آئوٽ ٿي ويو۔اي سوشيئيٽيڊ پريس مطابق شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ست ڌماڪا ۽ نچلي پروازن ڪندڙ جهازن جون آوازون ٻڌيون ويون۔ روئٽرز کي عيني شاهدن ٻڌايو ته ڇنڇر جي علي الصبح زوردار ڌماڪا، جهازن جون آوازون ۽ ڌوئیں جا ڪڪر ڏٺا وياواضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا وينزويلا ۾ ممڪن زميني ڪارروائين بابت بيان ڏئي چڪو آهي۔ روئٽرز موجب ٽرمپ نجي طور صدر نيڪولس مادورو تي اقتدار ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هو، جڏهن ته تازو هن چيو ته مادورو لاءِ اقتدار ڇڏڻ “سمجهه داري” هوندي۔ٻئي طرف پينٽاگون ڌماڪن بابت تبصري لاءِ درخواست تي فوري جواب نه ڏنو۔ ياد رهي ته آمريڪا هن علائقي ۾ وڏي فوجي چرپر ڪئي آهي، جنهن ۾ جهاز بردار بحري جهاز، جنگي ٻيڙا ۽ جديد فائٽر جهاز شامل آهن، جيڪي ڪيريبين سمنڊ ۾ مقرر ڪيا ويا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو