ڪراچي ۾ الڳ الڳ واقعا ٽريفڪ حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت مائي ڪلاچي ڀرسان مين هول مان 4 لاشون هٿ

شهر قائد ڪراچي ۾ رات دير سان پيش آيل مختلف واقعن ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا. سپر هاءِ وي جمالي پل يوٽرن وٽ هڪ تيز رفتار ٽرڪ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب موٽر سائيڪل سوار موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔ فوت ٿيل شخص جي لاش اسپتال منتقل ڪئي وئي آهي، جنهن جي سڃاڻپ 26 ورهين جي جميل طور ٿي آهي۔ساڳئي وقت سائيٽ ايريا ۾ نامعلوم گاڏي جي ٽڪر سان هڪ پيادل به فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي۔ٻئي پاسي مائي ڪلاچي ڦاٽڪ ڀرسان هڪ مين هول مان 4 لاشون هٿ اچڻ سان علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو۔ پوليس موجب لاشون ٻن عورتن، هڪ مرد ۽ هڪ ٻار جون آهن۔پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان ڪا به سڃاڻپ واري شيءِ نه ملي، جڏهن ته لاش لڪائڻ لاءِ مين هول ۾ ڪيترائي پٿر وڌا ويا هئا۔ شروعاتي جاچ موجب لاشون 15 کان 20 ڏينهن پراڻيون آهن ۽ شڪ آهي ته قتل ٻئي هنڌ ڪري لاشون هتي اڇلايون ويون۔لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي

پنھنجي راءِ لکو