اے اين ايف جي ملڪ ڀر ۾ ڪارروائيون 15 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي منشيات برآمد 2 جوابدار گرفتار

اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اے اين ايف) منشيات اسمگلنگ خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪامياب ڪارروائيون ڪندي وڏي مقدار ۾ منشيات برآمد ڪري ورتي آهي۔اے اين ايف جي ترجمان موجب 4 مختلف آپريشنز دوران 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري 15 ڪروڙ 12 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي 1532.11 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪئي وئي ترجمان ٻڌايو ته حاجي شاهه بس ٽرمينل، ضلعي اٽڪ ۾ گاڏي مان 960 گرام چرس برآمد ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو۔ساڳئي طرح سٽي بائي پاس سکر ڀرسان گاڏي مان 150 گرام ڪوڪين هٿ ڪئي وئي ۽ هڪ جوابدار کي حراست ۾ ورتو ويو۔اے اين ايف موجب ڪلي شادزئي سرنان، ضلعي پشين ڀرسان 1500 ڪلوگرام چرس برآمد ڪئي وئي۔جڏهن ته گوٺ شير خان ضلعي حب ۾ جهڙين ۾ لڪايل 31 ڪلوگرام هيروئن پڻ هٿ ڪئي وئي۔اے اين ايف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ منشيات اسمگلنگ جي نيٽ ورڪن خلاف وڌيڪ جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو