لاهور جي هڪ نجي يونيورسٽي ۾ خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ فرسٽ ايئر فارمياسي جي شاگردياڻي فاطمه جون ٻئي ٽنگون ڪاميابي سان آپريٽ ڪيون ويون آهن، جنهن بعد سندس حالت ۾ بهتري جي اميد وڌي وئي آهي۔تفصيل موجب شاگردياڻي چوٿين ماڙ تان ٽپو ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن سبب کيس سخت زخم آيا ۽ فوري طور جنرل اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو۔اسپتال ذريعن موجب 4 رڪني ميڊيڪل بورڊ ايمرجنسي آرتھو آپريشن ڪيو، جنهن ۾ پروفيسر جودت سليم، پروفيسر شهزاد حسين، ڊاڪٽر شبيره احمد ۽ ڊاڪٽر طاهر شامل هئا۔ذريعن ٻڌايو ته شاگردياڻي جي ريڙهه جي هڏي کي به گهري چوٹ پهتي هئي، جيڪا خطرناڪ ٿي سگهي پئي، پر ٽنگن جو آپريشن ڪامياب رهيو آهي پروفيسر جودت سليم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڇوڪري کي شديد هيڊ انجري هئي، پر هاڻي حالت بهتر آهي۔ هن چيو ته ميڊيڪل ٽيم بروقت علاج ڪري کيس صدمې واري حالت مان ڪڍيو، جڏهن ته هاڻي فوڪس برين انجري تي آهي۔واضح رهي ته 19 ڊسمبر تي ساڳئي يونيورسٽي ۾ ڊي فارمياسي جي شاگرد اويس پڻ مٿين منزل تان ٽپو ڏئي فوت ٿي ويو هو، جنهن جا سبب اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيا آهن۔تازو واقعي کان پوءِ يونيورسٽي جا شاگرد احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ سندن الزام آهي ته فاطمه ۽ اويس يونيورسٽي پاليسين کان تنگ ٿي اهڙو قدم کنيو۔
