سخت سردي سبب تعليمي ادارن ۾ هڪ هفتي جون وڌيڪ موڪلون، نوٽيفڪيشن اڄ جاري ٿيندو

پنجاب صوبي ۾ سخت سردي سبب اسڪولن ۽ ڪاليجن جي موسم سرما وارين موڪلن ۾ هڪ هفتي جي واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پنجاب جي وزير تعليم رانا سڪندر حيات سان ڳالهائيندي چيو ته ٻارن جي صحت کي نظر ۾ رکندي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي۔رانا سڪندر حيات موجب سخت موسم سبب شاگردن جي صحت متاثر ٿي سگهي ٿي، ان ڪري موسم سرما جون موڪلون وڌائڻ ضروري ٿي ويو آهي. هن چيو ته ان حوالي سان باضابطه نوٽيفڪيشن اڄ منجهند 3 وڳي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيو ويندو۔صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته هو اڳواٽ واضح ڪري رهيا آهن ته موڪلن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي افواهه نه پکڙجي۔ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزير تعليم سوشل ميڊيا تي هلندڙ موڪلن بابت افواهن جي سخت ترديد ڪئي هئي ۽ چيو هو ته وائرل ٿيل نوٽيفڪيشن جعلي آهي، جڏهن ته اسڪول ۽ ڪاليج 12 جنوري تي معمول مطابق کُلڻا هئا۔وزير تعليم عوام کان اپيل ڪئي آهي ته رڳو سرڪاري ذريعن تي ڀروسو ڪن ۽ غلط اطلاعن کان پاسو ڪن۔

پنھنجي راءِ لکو