سوني جي قيمتن ۾ وڏو اضافو في توله سونو 4 لک 73 هزار رپين کان مٿي

سڄي ملڪ ۾ سوني جون قيمتون هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان وڌي ويون آهن۔ عالمي مارڪيٽن ۾ اضافي جو اثر پاڪستان جي مقامي مارڪيٽ تي پڻ نظر آيو، جتي سون ۽ چاندي ٻئي مهانگا ٿي ويا آهن۔آل پاڪستان صرافه جيولرز ا پاڪستان ۾ في توله سوني جي قيمت ۾ 3 هزار 700 رپين جو اضافو ٿيو، جنهن بعد في توله سونو 4 لک 73 هزار 262 رپين تائين پهچي ويو۔ جڏهن ته 10 گرام سونو 3 هزار 172 رپيا مهانگو ٿي 4 لک 5 هزار 745 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي۔عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سوني جي قيمت 37 ڊالر وڌي 4 هزار 509 ڊالر ٿي وئي آهي۔ ٻئي پاسي پاڪستان ۾ في توله چاندي به 270 رپيا مهانگي ٿي 8 هزار 465 رپين تي پهچي وئي آهي۔ماهرن موجب عالمي معاشي غير يقيني صورتحال ۽ سيڙپڪارن جي سوني ۾ وڌندڙ دلچسپي سبب قيمتن ۾ لاٿ چاڙهه جاري رهڻ جو امڪان آهي۔ياد رهي ته سونو هميشه محفوظ سيڙپڪاري سمجهيو ويندو آهي، خاص طور تي جڏهن مهانگائي ۽ سياسي بيچيني وڌي وڃي۔ گذريل سال پاڪستان ۾ سوني جي قيمت مقرر ڪرڻ جو طريقو تبديل ڪيو ويو، جنهن تحت مقامي قيمت عالمي ريٽ کان 20 ڊالر في اونس وڌيڪ مقرر ڪئي وڃي ٿي۔

پنھنجي راءِ لکو