خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه وچ ۾ ٿيندڙ اهم ملاقات منسوخ ٿي وئي آهي۔ اها ملاقات سومر تي ٿيڻ واري هئي، پر سنڌ جي وزيراعليٰ ان مان معذرت ڪري ڇڏي وزيراعليٰ ڪي پي سهيل آفريدي سنڌ جي دوري تي آهي ۽ سندس دوري دوران مراد علي شاهه سان ملاقات طئي هئي، پر پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ اها ملاقات رد ڪئي وئي آهي ته سنڌ حڪومت ملاقات منسوخ ڪرڻ بابت اطلاع ڏنو آهي۔ ٻئي پاسي سنڌ حڪومت پي ٽي آءِ کي باغ جناح ۾ جلسي جي اجازت ڏني هئي، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ اتي جلسو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته هاڻي جلسو باغ جناح بدران مزار قائد جي گيٽ آڏو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اجازت نامو دير سان مليو ۽ ٿوري وقت ۾ انتظام ممڪن نه هو۔
