پريالوء پوليس جي ڪامياب ڪارروائي سنگت رام مندر مان چوري ٿيل سامان هٿ

پريالوء ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڪجهه ڏينهن اڳ ڳاڙهي موري ڀرسان قائم سنگت رام مندر راميجا مان چوري ٿيل سامان رڪور ڪري ورتو آهي۔پوليس موجب چوري ٿيل 10 ڪراڪري جون ديڳيون، جوت، روڪ رقم ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪري مندر جي مکي حوالي ڪئي وئي۔ ايس ايڇ او صادق عباسي رڪور ڪيل سامان مکي هيرو مل ۽ وڏيري عبدالحميد ابڙو جي موجودگي ۾ مندر انتظاميه حوالي ڪيو۔هندو پنچائت ۽ شهر جي معززن پوليس جي هن ڪارروائي کي ساراهيندي چيو آهي ته اهڙيون ڪامياب ڪارروائيون ڏوهارين لاءِ سخت پيغام آهن ۽ ان سان علائقي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي۔

پنھنجي راءِ لکو