ڪراچي ۾ پارڪنگ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون وڌيڪ 12 ڄڻا گرفتار

شهر قائد ڪراچي ۾ پارڪنگ فيس جي نالي تي شهرين کي ڦر ڪندڙ پارڪنگ مافيا خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن، جنهن دوران وڌيڪ 12 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔ڪراچي جي مرڪزي علائقي صدر، ريگل چوڪ ۽ عبدالله هارون روڊ سميت آس پاس وارن علائقن ۾ غير قانوني پارڪنگ فيس وٺندڙن خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر صدر حاظم ڀنگوار جي اڳواڻي ۾ آپريشن ڪيو ويو۔ ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر پاڻ پريڊي ٿاڻي پهچي وڌيڪ 12 ايف آءِ آر داخل ڪرايون۔سڀئي ڪيس ٽريفڪ پوليس جي فرياد تي داخل ڪيا ويا آهن۔ اختيارين موجب هاڻي تائين غير قانوني پارڪنگ ۽ وڌيڪ فيس وٺڻ تي 40 کان وڌيڪ ڪيس داخل ۽ 30 کان وڌيڪ ماڻهو حراست ۾ آهن۔اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته پارڪنگ مافيا ۽ تجاوزات ڪندڙ پاڻ کي سڌاري وٺن، ڪراچي ۾ ڪنهن به قسم جي غير قانوني پارڪنگ يا تجاوزات قبول نه ڪئي ويندي۔

پنھنجي راءِ لکو