ڊي آءِ خان ۾ پوليس چيڪ پوسٽ کَتي تي دهشتگرد حملو ناڪام 2 خارجي مارجي ويا

خيبرپختونخوا جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ نامعلوم دهشتگردن پوليس چيڪ پوسٽ کَتي تي حملو ڪيو، جنهن کي پوليس بروقت ۽ اثرائتي جوابي ڪارروائي سان ناڪام بڻائي ڇڏيو۔ پوليس فائرنگ ۾ ٻه خارجي مارجي ويا۔ڊي پي او صاحبزاده سجاد احمد موجب رات دير سان دهشتگردن چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، پر پوليس جوانن بهادري ۽ پيشاورانه مهارت جو مظاهرو ڪندي حملو ناڪام بڻايو۔ ڪارروائي دوران هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيو، جنهن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو ڊي پي او وڌيڪ ٻڌايو ته دهشتگردي خلاف پوليس جون ڪارروائيون جاري آهن۔ ان کان اڳ سي ٽي ڊي طرفان انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ ٽي گهربل دهشتگرد مارجي ويا هئا، جن جي سڃاڻپ نعمت الله، عبدالروف افغاني ۽ مصطفىٰ طور ٿي هئي۔ اهي دهشتگرد پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ سڌي طرح ملوث هئا۔

پنھنجي راءِ لکو