ڪار ساز ٽرئفڪ حادثو غير حاضر شاهدن خلاف ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي

ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ ڪار ساز ٽرئفڪ حادثي جي ڪيس دوران عدالت غير حاضر شاهدن خلاف ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. حادثو گذريل آگسٽ 2024 ۾ پيش آيو، جڏھن ملزمان نتاشا تيز رفتار گاڏي سان پيءُ ۽ ڌيءُ کي ڪچليو. ٻڌڻي دوران پوليس جا ٻه شاهد پنهنجا بيان عدالت ۾ قلمبند ڪرايا. ملزمان نتاشا مرڪزي ڪيس ۾ اڳ ۾ ئي بري ٿي چڪي آهي، پر منشيات جي ڪيس ۾ عدالت سندس بريت جي درخواست مسترد ڪئي. ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

پنھنجي راءِ لکو