گوجرانواله ۾ پوليس مختلف علائقن ۾ چار الڳ الڳ مقابلا ڪندي هڪ اهم ڪارروائي ۾ هڪ خطرناڪ ملزم کي مارڻ سان گڏ چار ٻين ملزمان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو۔ پوليس ترجمان موجب 6 ورهين جي نينگري سان زيادتي ۽ قتل واري ڪيس ۾ ملوث مرڪزي ملزم عثمان پوليس حراست مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن ته ٽي ساٿي فرار ٿي ويا۔ٿانه سول لائن ڀرسان مقابلي دوران ملزم طارق کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن وٽان هڪ هزار 560 گرام منشيات ۽ هٿيار هٿ آيا۔ان کان علاوه ٿانه ڌلي ڀرسان ڪارروائي ۾ ملزم شهباز عرف نيرا کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن وٽان هڪ هزار 460 گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي۔ٿانه کيالي ڀرسان ٿيل مقابلي ۾ ٻه ملزم زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيا، جن وٽان پڻ منشيات هٿ آئي۔ پوليس موجب سڀني گرفتار ملزمان خلاف قانوني ڪارروائي جاري آهي
