گهرن ۽ فليٽن ۾ به فائر سيفٽي سسٽم لازمي هوندو قانونسازي ڪنداسين شرجيل انعام ميمن

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمن چيو آهي ته باهه کان بچاءَ لاءِ صرف تجارتي عمارتن نه، پر گهرن ۽ فليٽن ۾ به فائر سيفٽي سسٽم هجڻ لازمي آهي۔ ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گل پلازا سانحي کان پوءِ حڪومت هن حوالي سان قانونسازي ڪندي۔ شرجيل ميمن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ جيڪي نيون عمارتون ٺهي رهيون آهن انهن ۾ حفاظتي نظام موجود آهي، جڏهن ته سڀني گيس اسٽيشنن تي به فائر سيفٽي سسٽم لڳل هوندو آهي۔ هن چيو ته نئون گهر يا دڪان تعمير ڪيو وڃي ته ان ۾ به حفاظتي نظام لازمي هجڻ گهرجي۔صوبائي وزير چيو ته گل پلازا ۾ باهه لڳڻ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي جنهن ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون، پر هر ڳالهه جو الزام وزيراعليٰ سنڌ تي وجهڻ مناسب ناهي۔شرجيل ميمن ٻڌايو ته گل پلازا سانحي جي انڪوائري جاري آهي ۽ فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ جو انتظار آهي انڪوائري مڪمل ٿيڻ بعد ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي۔هن وڌيڪ چيو ته اڳ به مارڪيٽن ۾ باهه لڳڻ بعد واپارين کي اڪيلو نه ڇڏيو ويو هو ۽ هاڻي به نقصانن جي ازالي لاءِ مناسب ميڪنزم تيار ڪيو ويو آهي۔شرجيل ميمن جو چوڻ هو ته گذريل ٻن سالن دوران ڪراچي ۾ جتي به باهه لڳي، اها ڪي ايم سي وسائي۔ جيڪڏهن وفاقي حڪومت وٽ ڪا جديد ٽيڪنالاجي هئي ته هو پيش ڪري سگهن پيا، ڪنهن کي به نه روڪيو ويو، پر هر اداري کي وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي

پنھنجي راءِ لکو