گل پلازہ سانحے ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي لاشين جي سڃاڻپ ۾ نئون موڙ اچي ويو آهي. سنڌ فرانزڪ ڊي اين اي ليب پهرين 12 باقيات جا نتيجا جاري ڪري ڇڏ يا آهن، جنهن کان پوءِ سڃاڻپ ڪيل ميٽن جي مجموعي تعداد 39 ٿي وئي آهي.انچارج سڃاڻپ پراجڪٽ عامر حسن موجب لاشين جي سڃاڻپ پروف آف پريزنس ذريعي ڪئي وئي آهي جتي ڊي اين اي کي آخري آپشن طور استعمال ڪيو ويو. 12 وڌيڪ ميٽون باقيات جي صورت ۾ وارثن کي ڏنيون وينديون.لاشين جن دڪانن يا هنڌن تان مليون، انهن جي باقاعده انٽري ڪئي وئي ۽ موبائل فون لوڪيشنز جي مدد سان اهو تعين ڪيو ويو ته ڪهڙا اعضا ڪنهن فرد سان لاڳاپيل آهن.سڃاڻپ ٿيل ماڻهن ۾ عمر نبي، عائشہ، علي بن عمر نبي، خضر علي، حيدر علي، عامر علي، ابوبڪر، ياسين، صداقت الله، يوسف خان، نعمت الله ۽ عبدالله شامل آهن.عامر حسن جو چوڻ آهي ته جتي ممڪن هجي، ڊي اين اي ذريعي پڻ سڃاڻپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته آخري آپشن طور پروف آف پريزنس اختيار ڪيو ويو آهي.
