وزیراعظم شهباز شريف ۽ وزيراعليٰ خيبر پختونخوا سهيل آفريدي جي پهرين باقاعده ملاقات، دهشتگردي خلاف تعاون جي يقين دهاني

وزیراعظم شهباز شريف ۽ خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي جي پهرين باقاعده ملاقات ٿي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن قومي معاملن تي ڳالھ ٻولھ ڪئيوزیراعظم جي سياسي معاملن واري مشير رانا ثناء الله چيو ته ملاقات مثبت رهي ۽ سياسي معاملن تي گفتگو نه ٿي، پر دهشتگردي خلاف آپريشن ۾ خيبر پختونخوا جي حڪومت جي تعاون تي يقين دهاني ڏني وئي.رانا ثناء الله موجب، دهشتگرد ڀارت ۽ افغانستان جا آلاڪار آهن، ۽ سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ کارروائيون جاري رکيل آهن. سهيل آفريدي چيو ته آپريشن جي ذميواري صوبائي حڪومت جي آهي ۽ دهشتگردن کي ڪنهن به صورت رستو نه ملڻ گهرجي.ملاقات ۾ صوبائي سي ٽي ڊي جي فنڊنگ ۾ واڌ ۽ دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۾ تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعليٰ خيبر پختونخوا يقين ڏياريو ته هو آئيني ۽ قانوني دائري اندر پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.رانا ثناء الله چيو ته ڀارت ۽ افغانستان ۾ ڪجهه عنصر پاڪستان جي وجود کي تسليم نٿا ڪن ۽ دهشتگرد ڀارت ۽ افغانستان جا آلاڪار طور ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ڪارروائيون ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز تقريباً 200 دهشتگردن کي شڪست ڏئي چڪيون آهن. افغانستان سان ڳالهين ۾ دوست ملڪ به شامل آهن ۽ پاڪستان اهي معاملا افغان حڪومت جي اڳيان پيش ڪندو.

پنھنجي راءِ لکو