روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جو آغاز، 1 ارب 30 ڪروڙ جو جديد منصوبو شروع

سکر (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي ۽ سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير ناصر حسين شاهه تاريخي روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن منصوبي جو سنگ بنياد رکي ڇڏيو۔

تفصيل موجب روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن هڪ ارب 30 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪئي ويندي، جنهن ۾ پاڪستان ريلوي 60 سيڪڙو جڏهن ته سنڌ حڪومت 40 سيڪڙو حصو ادا ڪندي۔

منصوبي تحت اسٽيشن کي جديد طرز تي تعمير ڪيو ويندو، جنهن بعد مسافرن کي عالمي معيار جون سهولتون مهيا ٿينديون۔

هن جديد منصوبي ۾ ويٽنگ ايريا، وسيع پليٽ فارم، اسڪيليٽرز، ماڊرن ريسٽورنٽ ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم سميت ٻيون سهولتون پڻ شامل هونديون۔

پنھنجي راءِ لکو